اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته عمران خان لاءِ هڪ پاسي جنرل فيض ۽ ٻئي پاسي بابا رحمت لڳل هو، عدليا اڄ به کيس کليل ڇوٽ ڏئي رهي آهي، عمران خان سان هڪ ۽ اسان سان ٻيو رويو اختيار ڪيو ويو.اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي مريم نواز چيو ته حڪومت ۾ اچڻ کانپوءِ اسان ون سائيڊڊ ميدان ڇڏي ڏنو آهي، اپوزيشن جي دور ۾ متحرڪ رهيا آهيون، ميان صاحب جي موجود نه هجڻ سان جماعت جي ڪارڪردگي متاثر ٿي رهي آهي.هن چيو ته مون تي لڳايل الزام ڪٿي آهن؟ مون کي نااهل ڪيو ويو پر مان اهل ٿي ويس، هفتي ۾ 6 ڏينهن اسان جي نيب ۾ پيشي هوندي هئي پر انهن جي پيشي تي پلاسٽر واري تصوير اچي ويندي آهي، انهن کي ويل چيئر تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ گهرجي.سندس چوڻ هو ته عمران خان لاءِ هڪ پاسي جنرل فيض ۽ ٻئي پاسي بابا رحمت لڳل هو، عدليا به کيس کليل ڇوٽ ڏئي رهي آهي، عمران خان سان هڪڙو ۽ اسان سان ٻيو رويو اختيار ڪيو ويو، آءِ ايم ايف سان اسان ڪو معاهدو نه ڪيو، عمران خان جي ڀڃڪڙي سبب شرط وڌيڪ سخت ٿي ويا، شرط پورا نه ڪنداسين ته ڊيفالٽ ٿي وينداسين ۽ گهڻن جي خواهش آهي ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته شاهد خاقان عباسي پاڻ وضاحت ڪري ڇڏي آهي، هو ڪاوڙيل ناهي، 30 سالن کان منهنجي پيءَ سان گڏ هلي رهيو آهي، جيڪڏهن شاهد خاقان عباسي منهنجي حوصلا افزائي ڪندو ته سٺي ڳالهه آهي، چونڊ مهم جي نگراني نواز شريف پاڻ ڪندو، چونڊ مهم رڳو نواز شريف ئي هلائي سگهي ٿو.










