عمران خان ۽ ساٿين تي داخل 127 ڪيسن جي لسٽ عدالت ۾ پيش

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ اسلام آباد پوليس عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف 127 ڪيسن جي لسٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران پنجاب حڪومت بيان حلفي سميت ڪيسن جا تفصيل عدالت ۾ جمع ڪرايا. فواد چوڌري پبلڪ پراسيڪيوٽر کان بيان حلفي لاءِ پڇاڻو ڪيو، جنهن تي جج ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اهو سوال پڇڻ عدالت جو حق آهي، توهان جو ناهي.ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت جي وڪيل 43 ڪيسن جي لسٽ ڏني جڏهن ته پنجاب حڪومت جي وڪيل 84 ڪيسن جي لسٽ فراهم ڪئي جنهن مان عمران خان خلاف 6 ڪيس پنجاب ۾ داخل آهن جڏهن ته اسلام آباد ۾ 28 ڪيس داخل آهن. وفاقي حڪومت جي وڪيل چيو ته ايف آءِ اي وٽ به درخواستگذار خلاف ڪيس آهي، جنهن تي فواد چوڌري چيو ته هو سوچي رهيو هو ته 100 ڪيس هئا پر صدي گذري وئي آهي.ٻڌڻي دوران نيب جي وڪيل تفصيل لاءِ وقت گهريو، جنهن تي عدالت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب کي جمعي تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته جڏهن کان پوليس رڪارڊ آيو آهي، ان حد تائين انهن ڪيسن ۾ انضباطي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم جاري ڪيو پيو وڃي، پر تفصيل فراهم ڪرڻ تائين اينٽي ڪرپشن ۽ نيب تاديبي ڪارروائي نه ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو