لاهور (ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچي ويو آهي، جتي هن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي ۽ سندس پٽ مونس الاهي سان ملاقات ڪئي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ايئرپورٽ کان سڌو وزيراعليٰ هائوس پهتو، جتي پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سندس استقبال ڪيو.










