اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار رابن رافيل ملاقات ڪئي آهي.ذريعن موجب رابن رافيل عمران خان سان بني گالا ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سينيٽر شهزاد وسيم به موجود هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته رابن رافيل اڳوڻي آمريڪي سفارتڪار ۽ سي آءِ اي جي تجزيه نگار ۽ لابيسٽ آهي ۽ هوءَ 1993ع ۾ ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن جي اسسٽنٽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ هئي.ذريعن موجب فواد چوڌري پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان به ملاقات ڪئي آهي ۽ هن 8 سيپٽمبر تي آمريڪي سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي.سينيٽر شهزادوسيم ۽ فواد چوڌري جو موقف ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.










