عمران خان خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وڃي، عدالت

عمران خان خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي وڃي، عدالت

لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب پوليس کي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي هراسان ڪرڻ کان روڪيندي ساڻس قانون موجب سلوڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. اهو حڪم 5 رڪني بينچ پاران جاري ڪيو آهي. جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس عاليه نيلم، جسٽس طارق سليم شيخ، جسٽس انوارالحق پنون ۽ جسٽس محمد امجد رفيق تي ٻڌل بينچ آڏو بئريسٽر سلمان صفدر ۽ ايڊووڪيٽ اظهر صديق جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواست ۾ خدشو ظاهر ڪيو ويو هو عيد جي موقعي تي پوليس زمان پارڪ تي ٻيهر چڙهائي ڪري اڳوڻي وزيراعظم کي پريشان ڪري سگهي ٿي. عيد تي عدالتون بند هونديون ۽ پنجاب حڪومت ڪو به قدم کڻي سگهي ٿي. ٻڌڻي کان اڳ عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيو. وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته پي ٽي آءِ سربراهه ڪيترن ئي محافظن سان گهيريل هو، جن سندس منهن کي بلٽ پروف شيلڊز سان ڍڪيو هو. عمران خان جي وڪيل چيو ته صرف پنجاب ۾ 80 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ روز ڪو نه ڪو نئون ڪيس داخل ٿئي ٿو، پوليس جي اختيارن جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي، جسٽس نجفي چيو ته مون ته اڳ م به زمان پارڪ تي پوليس ڪاروائي تي ناپسنديدگي جو اظهار ڪيو هو. وڪيل چيو ته اسنکي پڪي ڄاڻ آهي ته عيد تي پوليس ڪاروائي ڪندي. پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته ثبوت عدالت ۾ پيش ڪيو. جسٽس شيخ چيس ته ڇا اوهين خاطري ڏئي سگهو ٿا ته پنجاب حڪومت ڪا ڪاروائي نه ڪندي. جسٽس نجفي چيو ته ڇا حڪومت عمران خان کي سڪون سان عيد ڪرڻ ڏيندي؟ جنهن تي پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم جاچ ڪري پئي کيس جوابدار جي ڪنهن مهل به ضرورو پئجي سگهي ٿي. جسٽس نيلم چيو ته اسين پوليس کي جاچ کان نٿا روڪيون پر ضمانت هجڻ بعد اوهين کيس ٽچ به نٿا ڪري سگهو. هڪ موقعي تي عمران خان روسٽرم تي اچي چيو ته مان ڪو قانون ناهي ٽوڙيو پر پوءِ به ايترا ڪيس داخل آهن، جسٽس نجفي کيس چيو ته اهو سڀ ڪجهه اسين ٻڌي چڪا آهيون، ڪا نئين ڳالهه آهي ته ٻڌايو. هن چيو ته منهنجي گهر تي 26 ڪلاڪ آپريشن ٿيو. پنجاب حڪومت جي وڪيل چيو ته جيڪو ڪجهه ٿيو اهو قانون مطابق هو. جسٽس نيلم چيو ته اهڙن بيانن سان ته درخواست گذار وڌيڪ پريشان ٿيندو. عدالت فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو بعد ۾ ٻڌائيندي پوليس کي ڪنهن به قسم جي ڪاروائي کا روڪي ڇڏيو ۽ ٻڌڻي 2 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو