اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال کي ڏسندي پنجاب ۽ بلوچستان ۾ رينجرز طلب ڪري قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.عمران خان جي گرفتاري خلاف تحريڪ انصاف ڪارڪنن جو مختلف شهرن ۾ احتجاج جاري آهي ۽ ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پنجاب حڪومت سڄي صوبي ۾ رينجرز کي طلب ڪري ورتو آهي.صوبائي حڪومت رينجرز طلبي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي، جڏهن ته گهرو کاتي سڄي صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، گڏوگڏ موبائل فون سروس جي بندش لاءِ به خط لکيو ويو آهي. هوڏانهن بلوچستان جي گهرو وزير به صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. صوبائي گهرو وزير موجب قانون هٿ ۾ کڻندڙن کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.










