عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

عمران خان جي ٻن ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ واڌ

اسلام آباد)بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي 2 ڪيسن ۾ عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي عمران خان جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست به منظور ڪري ورتي.چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو ته عمران خان کي ڪهڙي ڏينهن وڌيڪ ڪيسن ۾ پيش ٿيڻو آهي؟ ساڳئي ڏينهن جي تاريخ رکو.عدالت فوجي ادارن جي آفيسرن خلاف بيان بازي ڪيس ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محسن رانجها پاران قتل جي ڪوشش ڪيس ۾ به چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.ٻنهي ڪيسن ۾ عمران خان جي عبوري ضمانت ۾ 8 جون تائين واڌ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو