عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي رهيو: شرجيل

عمران خان جي حڪومت ۾ پاڪستان ڪرپشن ۾ سڀني کان اڳتي رهيو: شرجيل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عالمي ادارن يج رپورٽ موجب عمران خان جي دور ۾ ڪرپشن ۾ پاڪستان سڀني کان اڳتي رهيو، عمران خان قوم کي ان جو جواب ڏئي.تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي تقرير تي ردعمل ڏيندي شرجيل ميمڻ چيو افسوس ته عمران خان حج جي مقدس ڏينهن تي به ڪوڙ ڳالهايو ۽ الزام هڻندو رهيو، عمران خان کڻي اڄوڪي ڏينهن ته سچ ڳالهائي ها.هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، هن پنهنجي دور ۾ مالم جبا، بلين ٽري سونامي، پشاور بي آر ٽي سميت ميگا ڪرپشن اسڪينڊل بند ڪرايا، عمران خان جي دور ۾ بني گالا ڪرپشن جو مرڪز رهيو. سندس چوڻ هو ته عمران خان پنهنجي دور ۾ مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ڪرايا، جنهن جو اعتراف اڳوڻا وزير به ڪري رهيا آهن، جڏهن ته هن پنهنجي حڪومت جادو، ٽوڻي ۽ ڪاري علم سان هلائي، هو نااهل ترين وزيراعظم ثابت ٿيو، پاڪستان کي جادوگرن ۽ جعلي عالمن حوالي نٿو ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو