عمران خان  جا الزام من گھڙت،ڪوڙا قابل مذمت ۽ ناقابل قبول قرار

عمران خان جا الزام من گھڙت،ڪوڙا قابل مذمت ۽ ناقابل قبول قرار

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي الزامن جي مذمت ڪئي آهي.آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين پي ٽي آءِ بنا ثبوتن جا بي بنياد الزام لڳايا، حاضر سروس آرمي آفيسر تي بنا ثبوتن جا الزام انتهائي غير ذميواراڻو آهن.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته لاڳاپيل سياسي اڳواڻن کي گذارش آهي ته اهي ڪوڙا الزام هڻڻ بند ڪن ۽ ڪوڙو الزام هڻڻ بدران قانوني رستو اختيار ڪن.آءِ ايس پي آر چيو ته من گھڙت ۽ بدنيتي تي ٻڌل الزام انتهائي قابل مذمت ۽ ناقابل قبول آهن. هڪ سال کان مٿي ٿي ويو آهي ته فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسرن کي نشانو بڻايو ويو آهي ۽ سنسني خيز پروپيگنڊا سياسي مقصدن لاءِ ڪئي ويندي آهي.آءِ ايس پي آر موجب ان کي سياسي مقصدن لاءِ اشتعال انگيز، سنسني خيز پروپيگنڊا ذريعي نشانو بڻايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو