عمران خان تي حملي جي جاچ لاءِ ٺاهيل نئين جي آءِ ٽي چئلينج

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد وفاقي حڪومت جي جي آءِ ٽي جي نوٽيفڪيشن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.ياسمين راشد جي درخواست ۾ وفاقي حڪومت، پرنسپل سيڪريٽري ذريعي وزيراعظم ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي جاچ لاءِ غير قانوني طور نئين جي آءِ ٽي ٺاهي آهي، پنجاب حڪومت پاران جوڙيل جي آءِ ٽي اڳ ئي واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي.ياسمين راشد درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻي جي آءِ ٽي جوڙڻ بدنيتي ۽ غير قانوني قدم آهي، وزير آباد حملو ڪيس ۾ 22 جنوري تي جوڙيل جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن غير قانوني قرار ڏنو وڃي.عدالت ۾ داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته وفاق پاران جوڙيل جي آءِ ٽي کي درخواست جي حتمي فيصلي تائين جاچ کان روڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو