لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز جي مڙس ڪيپٽس رٽائرڊ صفدر چيو آهي ته کيس ويجهي مستقبل ۾ مريم نواز وزيراعظم ٿيندي نظر نه پئي اچي.داتا درٻار تي نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ڪيپٽن ( ر ) صفدر کليل نموني پارٽي پاليسين تي سخت تنقيد ڪئي ۽ عمران خان خلاف ذاتيات تي ٻڌل بيان ڏيڻ تي شرمساري جو اظهار ڪيو.انٽرويو دوران راجا رياض سميت پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جي ن ليگ سان هٿ ملائڻ بابت سوال جي جواب هن چيو ته حالتون ڪهڙيون به هجن، جيل يا نيب جو مقابلو ڪرڻو پوي، وفاداري تبديل نه ڪرڻ گهرجي، اهو مناسب نه هو ته عمران خان جي ٽڪيٽ تي کٽي اسان وٽ هليا اچو، مان اهڙي عمل جي خلاف آهيان.هن چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو وارو بيانيو پهريان مضبوط هو، پر اسان ووٽ کي ان ڏينهن بعزتو ڪري ڇڏيو جنهن ڏينهن آرمي چيف جنرل باجوا کي ملازمت ۾ واڌ ڏيڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، هاڻي اِهو ووٽ کي عزت ڏيڻ وارو نظريو نه هلندو، اسان ان نعري کي دفن ڪري ڇڏيو.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرويز رشيد کانسواءِ ن ليگ جو هر شخص ڏوهاري آهي جنهن ووٽ ڏنو، سڀ لالچي آهن.ميان نواز شريف آرمي چيف جي ملازمت ۾ واڌ جي مخالف ڇو نه ڪئي واري سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي ورغلايو ويو، ساڻس ڪوڙ ڳالهايو ويو ۽ ٺڳي ڪئي وئي، کيس اُهي ئي ماڻهو ورغلائي رهيا هئا جيڪي نواز شريف کي پيرين پوندا هئا ته ووٽ ڏينداسين ته هينئن ٿيندو يا هونئن ٿيندو، نواز شريف کي ٻڌائڻ گهرجي ڪنهن اِهو غلط فيصلو ڪرايو هو.هن شرمساري جو اظهار ڪندي چيو ته عمران خان جي ذاتي زندگي تي حملو نه ڪرڻ گهرجي ها، اسان جي پارٽي ۾ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي تنظيم سازي ۾ وڪوڙجي ويا، ڪجهه اگهاڙا پڪڙيا ويا، هر پاسي گند پکڙيل آهي، پر سياست جو مقابلو سياست سان ڪرڻ گهرجي. پنهنجي گهرواري جي وزيراعظم بڻجڻ واري سوال جي جواب ۾ ڪيپٽن صفدر چيو ته ويجهي مستقبل ۾ ته مونکي وزيراعظم ٿيندي نظر نه پئي اچي، ڇاڪاڻ ته حالتون اهڙيون آهن.
مريم نواز پنهنجي مڙس ۽ پارٽي اڳواڻ ڪيپٽن ( ر ) صفدر کي ڇنڊ
پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز پنهنجي مڙس ۽ پارٽي اڳواڻ ڪيپٽن ( ر ) صفدر کي ڇنڊ پٽي آهي.ذريعن موجب ڪيپٽن ( ر ) صفدر جي تازي انٽرويوءَ واري معاملي تان مريم نواز کيس ڇنڊ پٽيندي پارٽي پاليسي خلاف بيان بازي کان روڪي ڇڏيو آهي.ن ليگ ذريعن موجب مريم نواز هدايت ڪئي ته ڪيپٽن رٽائرڊ صفدر سميت ڪو به اڳواڻ اڳتي پارٽي پاليسي کان هٽي ڪري بيان نه ڏي، هر اڳواڻ بيان ڏيڻ وقت پارٽي پاليسي کي لازمي نظر ۾ رکي.مريم نواز خبردار ڪندي چيو ته جيڪو به پارٽي پاليسي خلاف ويندو، اُن خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو، ذريعن موجب ڪيپٽن ( ر ) صفدر کي ان کان پهريان به پارٽي پاليسي کان هٽي ڪري بيان ڏيڻ تي شوڪاز نوٽيس جاري ٿي چڪو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز چيف آرگنائيزر طور پارٽي پاليسي جو باظابطا هدايت نامو پڻ جلد جاري ڪندي.










