اسلام آباد(بيورو) گهرو وزارت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي دهشگردي واري ڪيس مان بري ڪرڻ جي حمايت ڪندڙ ٻن پراسيڪيوٽرن کي عهدن تان برطرف ڪري ڇڏيو.گهرو وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ مقرر ٿيل اسپيشل پبلڪ پراسڪيوٽر عامر سلطان گورايا ۽ فاخره عامر سلطان کي هٽائي ڇڏيو.ٻنهي پبلڪ پراسيڪيوٽرن عمران خان ۽ پي ٽي آءِ قيادت کي پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ۾ بري ڪرڻ جي حمايت ڪئي هئي، جن کي هٽائڻ لاءِ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد گهرو وزارت کي خط لکندي چيو ته ٻنهي پراسيڪيوٽرن کي عهدن تان هٽايو وڃي، جنهن کانپوءِ سندن برطرفي وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.2022ع ۾ اسلام آباد جي دهشتگردي واري عدالت پارليامينٽ تي حملي واري ڪيس ان وقت جي وزيراعظم عمران خان کي بري ڪيو.










