اسلام آباد(بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان پاران چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ڏنل تڪراري بيان واري معاملي تي اڳڀرائي ٿي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) عمران خان جي تقرير جو اسڪرپٽ اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪيو آهي جيڪو پڻ حاصل ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن عمران خان جي تقرير جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم کي نوٽيس جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.










