اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)توشه خاني تي ريفرنس داخل ڪندڙ مسلم ليگ ن اڳواڻ محسن رانجها چيو آهي ته عمران خان ان ڪيس ۾ به وقت وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن چيو ته عمران خان ڪوڙ ڳالهايو ۽ بي ايماني ڪئي، هو صادق ۽ امين ناهي، 3500 رپين جي ٽي سيٽ نه ڏيڻ تي کيس صادق ۽ امين جو جعلي سرٽيفڪيٽ ڏنو.ٻئي طرف عمران خان جي وڪيل علي ظفر چيو ته اثاثا جمع ڪرائڻ جي 120 ڏينهن اندر اعتراض داخل ڪرڻا آهن، هاڻي ڪيترائي سال گذري ويا آهن، هاڻي ڪا ڪارروائي ناهي ٿي سگهي.هن چيو ته عمران خان سمورا اثاثا ادا ڪري ڇڏيا آهن، انڪم ٽيڪس ريٽرن ۾ تحفا ظاهر ڪيا ويا آهن.










