عمران  آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو: مريم نواز

عمران آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو: مريم نواز

مانسهره: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته ڄمي مقابلو ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙ آصف زرداري جي پيرن تي ڪري پيو، سپر پاور کي ڌمڪيون ڏيندڙ پشاور جي بنڪر ۾ لڪي ويٺل آهي. ٻه نمبر اڳواڻ جا بيان، سازش ۽ مينڊيٽ سڀ ٻه نمبر آهن، انقلاب هيليڪاپٽر تي سوار ٿي ناهي ايندو، حقيقي آزادي جو گوڙ ڪندڙ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ صبح جو سوير فرار ٿي ويا. اوهان کي جيترا مارچ ڪرڻا آهن ڪري وٺو حڪومت کي ڪجهه به نه ٿيندو. خيبرپختونخواهه جي عوام فتني تي ٻڌل لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو آهي. مانسهره ۾ پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته مانسهره جلسي ۾ نه پر پنهنجي گهر آئي آهيان، وزيراعظم شهباز شريف کي پنهنجي ٻئي گهر ۾ ڀليڪار چوان ٿي، مانسهره نوازشريف جو هو، آهي ۽ رهندو. هزاره نوازشريف جو هو، آهي ۽ رهندو. هزاره موٽروي نوازشريف جي هزاره سان محبت جو ثبوت آهي. هن چيو ته شهباز شريف کي چيلهه ۾ تڪليف آهي، هو مانسهره جي عوام جي محبت ۾ گاڏي ۾ آيو آهي، شهباز شريف منهنجو ٻيو پيءُ آهي، هن سان مون کي محبت آهي، شهباز شريف پاڪستان جو حقيقي خدمتگار آهي، شهباز شريف پنجاب جي تقدير بدلي، هو هاڻ پاڪستان جي قسمت به بدلي ڇڏيندو، واعدو ڪريان ٿي ته جيڪي زخم عمران خان پاڪستان جي سيني تي لڳايا، اهي زخم شهباز شريف، نوازشريف ڀري ويندا. مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر چيو ته خيبرپختونخواهه فني تي ٻڌل لانگ مارچ کي رد ڪري ڇڏيو. عمران خان ناڪام مارچ لاءِ خيبرپختونخواهه جا وسيلا استعمال ڪيا، ڪي پي ڪي جي عوام جو حق ناڪام ڌرڻي جي حوالي ٿي ويو. جنهن هيليڪاپٽر تي عمران خان ڌرڻي لاءِ آيو اهو خيبرپختونخواهه حڪومت جو هو. عمران خان سرڪاري هيليڪاپٽر ۽ گاڏين کي ڌرڻي لاءِ استعمال ڪيو، ڌرڻي ۾ عوام نه هئي، ڪرينن جي به ضرورت نه پئي، جڏهن ڌرڻي جو وقت آيو ته هي صبح جو سوير اسلام آباد مان غائب ٿي ويو. قوم جا ٻار بک وچان مري رهيا آهن پر هن جا ٻار لنڊن جي ٿڌين هوائن جا مزا وٺي رهيا آهن.مريم نواز چيو ته ن ليگ عوام سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏيندي. انقلاب هيليڪاپٽر ذريعي ناهي ايندو، انقلاب يو ٽرن وٺڻ يا بني گالا وڃڻ سان ناهي ايندو. جعلي خط، عالمي سازش انقلاب ۽ انقلابين جو اڳواڻ به 2 نمبر آهي. اوهان کي حڪومت مان ڪڍيو هو بني گالا مان نه. گرفتاري جي ڊپ کان ڇو لڪي ويٺا آهيو، سندس آڊيو ليڪ ٿي آهي جنهن ۾ هو ٻه نمبري ڪري رهيو هو، هي چوندا هئا ڄمي بيٺل آهي ڪپتان، اصل ۾ پير جهلي رهيو هو ڪپتان، لانگ مارچ جي ناڪامي تي هن نوازشريف وٽ پنهنجا ماڻهو اماڻيا، نوازشريف کيس چيو ته اوهان جي ڌمڪين ۾ نه ايندس، هي هاڻ سپريم ڪورٽ کي منٿون ڪري رهيو آهي. مريم نواز وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال دوران پاڪستان جي عوام کي شهباز شريف جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو