ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي زيدي ايم ڪيو ايم اڳواڻ نواب رشيد ۽ ٻين سياسي شخصيتن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي.علي زيدي ن ليگ جي اڳوڻي سينيٽر راحيلا مگسي ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ نواب رشيد سان ملاقات ڪئي.ايم ڪيو ايم اڳواڻ نواب راشد علي چيو آهي ته علي زيدي پنهنجي والده جي وفات تي تعزيت ڪرڻ آيو هو، هن پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ قبول نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪو ارادو آهي.راحيلا مگسي اهو به چيو ته هن في الحال پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو.










