علي امين گنڊاپور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

علي امين گنڊاپور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

ڊي آئي خان (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا.وڪيلن ۽ پوليس وچ ۾ ڳالهين کانپوءِ علي امين گنڊاپور کي هاءِ ڪورٽ جي دروازي وٽان گرفتار ڪيو ويو.ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي امين گنڊاپور چيو ته مان سمورن ڪيسن ۾ ضمانت حاصل ڪري چڪو آهيان، پوليس وٽ ڪي به وارنٽ ناهن.علي امين گنڊاپور چيو ته پوليس منهنجي ۽ منهنجي دوستن جي گهر تي ڇاپا هڻي رهي آهي، جن کي پوليس نامعلوم ايف آءِ آر ۾ نامزد ڪيو آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته عدالتن تي اعتماد آهي، ان ڪري هو عدالتن ۾ پيش ٿين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو