گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ وارو ٽرائيل ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خلاف بهاره کهو ٿاڻي ۾ هٿيار ۽ شراب هٿ اچڻ جو ڪيس داخل ٿيل آهي.سيشن جج شاهه رخ ارجمند علي امين گنڊاپور جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ علي امين گنڊاپور جي وڪيل پنهنجي موڪل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوڊيشل ميجسٽريٽ لاڳيتو پيش نه ٿيڻ تي علي امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏنو هو پر علي امين کي نوٽيس نه ملي سگهيا هئا. سيشن عدالت درخواست گذار کي 50 هزار روپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ ۽ هڪ مقامي ضامن ڏيڻ جو حڪم ڏنو.عدالت امين گنڊاپور کي اشتهاري قرار ڏيڻ وارو ٽرائيل ڪورٽ جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڪيس ٽرائل ڪورٽ ڏانهن واپس اماڻيندي ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو