سرگوڌا (ويب ڊيسڪ)سرگوڌا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي هڪ ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو،علي امين گنڊاپور کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت اي ٽي اي جي 7 شقن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسپيشل جج ڪيس سيشن ڪورٽ منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.ان کان اڳ پوليس علي امين گنڊاپور جي وڌيڪ 14 ڏينهن جي رمانڊ تي عدالت کي استدعا ڪئي هئي.علي امين گنڊاپور جي وڪيل درخواست ڪئي ته ڪيس کي عام عدالت ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو.










