آزاد ڪشمير (ويب ڊيسڪ)آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن.آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جو خط ڊپٽي ڪمشنر ڊيرا اسماعيل خان کي به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ علي امين گنڊاپور کي 28 فيبروري تي آزاد ڪشمير جي اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.علي امين خلاف درخواست 2021ع جي چونڊن دوران وڪيل راجا ذوالقرنين داخل ڪئي هئي.










