پشاور: (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي کي هڪ ارب هرجاڻي جو نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور طرفان وڪيل جي ذريعي گورنر کي اماڻيل هتڪ عزت جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته گورنر دعويٰ ڪئي آهي ته وزيراعليٰ ايپڪس ڪميٽي ۾ آپريشن عزم استحڪام جي مسودي تي صحيحون ڪيون.هتڪ عزت جي نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته گورنر پنهنجو بيان واپس وٺي سرعام معافي گهري، ٻئي صورت ۾ وڌيڪ 100 ڪروڙ روپيه هرجاڻو ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار رهي.










