اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پاران 27 مارچ تي ڊي چوڪ تي 10 لک ماڻهن جو جلسو ڪرڻ واري اعلان بعد سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، سنڌ اسمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ حليم عادل شيخ، سينيٽر سيف الله ابڙو، سينٽر سيف الله نيازي ۽ علي جوڻيجو سرگرم ٿي ويا ۽ اسلام آباد ۾ ديرو ڄمائي ورتو آهي. هنن اڄ جلسي گاهه جو دورو ڪيو ۽ جائزو ورتو. پي ٽي آءِ اڳواڻڻ مخلف ناليوارن ماڻهن کي پي ٽي آءِ ۾ سامل ڪرڻ لاءِ رابطا به تيز ڪري ورتا آهن جيئن هو بظاهر ڏکئي وقت ۾ نظر ۾ ايندڙ پنهنجي جماعت ۾ کين شامل ڪري اهو تاثر ڏين ته پي ٽي آءِ اڃا وڌيڪ مقبول عوامي جماعت آهي. ان سلسلي ۾ سينئر سياستدان ۽ ڪراچي مان اڳوڻي ايم پي اي عليم عادل شيخ جيڪو مسلم ليگ (ق)جي يوٿ ونگ جو صدر به رهيو، ان کي پارٽي ۾ شامل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مٿي ڄاڻايل اڳواڻڻ جي موجودگي ۾ پي ٽي آءِ جي مرڪزي ايديشنل جنرل سيڪريٽري عامر محمود ڪياني سان ملاقات بعد پي ٽي آءِ م شموليت ڪئي. جنهن کيس انصافي مفلر پارايو. ياد رهي تهعليم عادل شيخ حليم عادل جو وڏو ڀاءَ آهي، هو ڪجهه عرصو سوڊان م به رهيو ۽ سوڊان جو ڪراچي ۾ اعزازي ڪائونسلر به رهيو هو. هو هاڻي واپس وطن اچي سياست ۾ سرگرم ٿي ويو آهي.










