عليم خان پاران عمران خان کي مناظري جو چئلينج

عليم خان پاران عمران خان کي مناظري جو چئلينج

اسلام آباد: (بيورو) عليم خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران سندس مٿان لڳايل الزامن تي کيس ٽي وي تي مناظري جو چئيلينج ڏئي ڇڏيو آهي. عمران خان هڪ انٽرويو دوران چيو هو ته عليم خان پنهنجي 300 ايڪڙ زمين ليگل ڪرائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته جهانگير ترين جو مسئلو شوگر ڪميشن هو. عمران خان جي الزامن تي رد عمل ڏيندي عليم خان چيو ته عمران خان جو انٽرويو ڏٺو، عمران خان الزام لڳايو ته عليم خان 300 ايڪڙ زمين ليگلائز ڪرائڻ چاهي ٿي مان 2010 کان 2019 تائين اپوزيشن ۾ عمران خان سان بيٺل رهيس اها سوسائٽي 2010 ۾ به مون وٽ هئي جيڪا اڄ به مون وٽ موجود آهي. عمران خان منهنجي والد جي وفات تي ان سوسائٽي ۾ آيو هو. هن چيو ته ڇا 10 سال اڳ مون کي خبر هئي ته عمران خان 2018 ۾ وزيراعظم ٿيندو. مون وٽ 300 ايڪڙ ناهي. 3000 ايڪڙ زمين آهي. مون زمين ايڪوائر ناهي ڪرائي پر پرائيويٽ زميندارن کان خريد ڪئي آهي اها زمين هاڻ روڊا وٽ آهي اها اٿارٽي عمران خان ٺاهي اهي زمينون روڊا سرڪاري قيمت تي خريد ڪري پرائيويٽ ڊوالپرز کي ڪيئن ڏنيون؟عليم خان چيو ته هاڻ جاچ ٿيڻ گهرجي ته اهي زمينون ڪهڙن ڊوالپرز کي ڏنيون ويون. سرڪاري ريٽ تي خريد ڪري زمينون من پسند پرائيويٽ ڊيولپرز کي ڏنيون ويون. ايل ڊي اي جي وائيس چيئرمين جا رشتيدار به ڇا ان ڊوالپرز ۾ شامل آهن؟ سرڪاري ريٽ تي زمين ايڪوائر ڪري پلازا ٺاهيا ويا. جيڪڏهن روڊا تحت اوهان جو ڪلاف ڪورس ٺهي سگهي ٿو ته عليم خان جي سوسائٽي ڇو نه؟ جيڪڏهن روڊا پراجيڪٽ برائون آهي ته اتي منهنجي زمين ڪيئن گرين ٿيندي.؟ تحريڪ انصاف جي ناراض اڳواڻ چيو ته هر مشڪل وقت ۾ ڇا مان ان لاءِ بيٺل هئس ته 300 ايڪڙ جو اسٽيٽس تبديل ڪرائڻو هو؟ جيڪڏهن منهنجي مٿان غلط الزام لڳائيندو ته مان چپ نه ويهندس. جيڪڏهن اوهان منهنجو نالو ادب سان وٺندو ته مان به اوهان جو نالو ادب سان وٺندس. جيڪڏهن اوهان منهنجو وات کولرائڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن چينل تي مون سان ۽ جهانگير ترين سان گڏ ويهو پوءِ سچ ڳالهايو ته جيئن عوام کي خبر پوي ته عليم خان، جهانگير ترين ۽ عمران خان جو اصل چهرو ڪهڙو آهي.هن چيو ته عمران خان ٻڌي وٺي ته مون وٽ هن وقت 10 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ زمين آهي. اوهان 300 ايڪڙ تي الزام لڳائي ڇڏيو. منهنجي محنت ۽ ڪوششن جو اهو اگهه لڳايو. ماڻهن جي سامهون سچ ڳالهايو ۽ کين حقيقتون ٻڌايو. عليم خان چيو ته مان آمريڪي ۽ يورپين سفير سان عمران خان جي گهر مليو هئس. برطانوي سفير سان جيڪڏهن اوهان حڪومت ۾ اچڻ کان اڳ ملي سگهيو ٿي ته حڪومت ۾ ڇو نه، اوهان ملندو ته محب وطن ڪو ٻيو ملي ته غدار، پنهنجي وزيرن کي ڏسو، ڪير سفيرن سان ملندو رهيو، اهو ڪهڙو طريقو آهي ته جيڪو اوهان کان علاوه مليو اهو غدار آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان مصحلت تحت خاموش آهيون، اوهان سياست ڪريو ماڻهن کي ورغلايو يا ڪوڙ ڳالهايو پر مان سچ ڳالهائيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو