اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عليمه خان ۽ عظميٰ خان کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليما خان ۽ عظميٰ خان خلاف ڊي چوڪ تي احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪئي.عدالت عليمه خان ۽ عظميٰ خان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي.ٻنهي جي 20، 20 هزار رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪئي وئي.










