علاج لاءِ مدد ڪرڻ تي پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جو شڪر گذار آهيان:مرادشاهه

علاج لاءِ مدد ڪرڻ تي پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جو شڪر گذار آهيان:مرادشاهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته جناح اسپتال جي مختلف شعبن ۾ بهترين علاج لاءِ مدد ڪرڻ تي پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن جو شڪر گذار آهيان،مريضن جي امداد صحت مند سنڌ جي مشن ۾ صوبائي حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي مريضن جي امداد 1991ع کان جناح اسپتال ۾ غريب مريضن جي خدمت ڪري رهي آهي مريضن جي امداد لاءِ سنڌ حڪومت جي مدد ڪندي جناح اسپتال ۾ 1100 بسترن جو تعداد وڌائي 2208 ڪيو ويو مريضن جي امداد پاران جناح اسپتال ۾ 2 سائبر نائف ۽ ٽومو ٿراپي جون مشينون لڳايون ويون آهن جناح اسپتال دنيا جي ڏهن سينٽرن ۾ شامل آهي جتي سائبر نائف ۽ ٽومو ٿراپي جون سهولتون موجود آهن سنڌ حڪومت بنا ڪنهن فرق جي پنهنجي اسپتالن ۾ مفت علاج ڪري رهي آهي، ان حوالي سان اڄ سنڌ حڪومت ۽ مريضن جي امداد ۾ 25 سالن جي ڀائيواري جو معاهدو ٿي رهيو آهي هي پارٽنرشپ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جناح اسپتال ۾ مفت علاج جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائيندي ڪينسر جو علاج تمام مهانگو ۽ عام ماڻهو جي پهچ کان ٻاهر آهي پر سنڌ حڪومت مفت فراهم ڪري ٿي صحت جي سهولتن ۾ سڄي ملڪ جي عوام جي خدمت کي پنهنجو مقصد سمجهون ٿا،جناح اسپتال ملڪ جي واحد اسپتال آهي جتي PET-Ct ۽ PET-MR بلڪل مفت آهن اگر ڏٺو وڃي ته پي اي ٽي اسڪين جي سهولت پاڪستان ۾ ڪٿي به مفت ۾ فراهم ناهي ڪئي وئي،پرائيويٽ هيلٿ ڪيئر سينٽر جي في اسڪين تي 90 هزار رپيا خرچ اچي ٿو،ڪينسر جي مريض کي علاج دوران 2 کان 3 پي اي ٽي اسڪين جي ضرورت آهيجناح اسپتال ۾ پي اي ٽي اسڪين ۽ سائيڪلٽران پڻ سنڌ حڪومت ۽ مريضن جي امداد جو گڏيل منصوبو آهي، پي اي ٽي اسڪين ۽ سائيڪلٽران جو افتتاح 2016ع ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو.جناح اسپتال ۾ ملڪ جي 2000 ڪينسر جي مريضن جي ويٽنگ لسٽ اڃا تائين موجود آهي، سنڌ حڪومت ڪينسر جي مريضن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ 340 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سائبر نائف ڪينسر جي علاج تي 50000 کان 90000 ڊالر خرچ اچي ٿو پاڪستان جي 167 شهرن ۽ 15 ملڪن جا مريض جناح اسپتال ۾ ڪينسر جو مفت علاج ڪري رهيا آهن ڪينسر جي مريضن جو انگ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن جي تشخيص لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ياد رهي ته جناح اسپتال شروعاتي دور ۾ دماغي ڪينسر جي علاج جي سهولت فراهم ڪندي هئي سنڌ حڪومت سائبر نائف يونٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ پيشنٽ ايڊ فائونڊيشن کي 4.1 ملين ڊالر ڏنا آهن، صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو، سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه، جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول، چيئرمين مريض ايڊميشن مشتاق ڇپرا، سائبر نائف يونٽ جي سربراهه پروفيسر ڊاڪٽر طارق محمود ۽ جناح اسپتال جي مختلف سربراهن پڻ شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو