لاهور(ويب ڊيسڪ)مشهور پاڪستاني اداڪارا ۽ ميزبان عفت عمر ٽرانس جنس بل جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي آهي.اداڪارا عفت عمر پنهنجي مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر اڪائونٽ تي ٽرانسجينڈر بل سان لاڳاپيل هڪ ٽوئيٽ شيئر ڪيو آهي.عفت عمر جو چوڻ آهي ته مان ٽرانسجينڈر ايڪٽ جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو ۽ ان بل جي خلاف پروپيگنڊا ڪندڙ سمورين پارٽين ۽ ذهنيت جي نفرت ۽ مذمت ڪريان ٿو.










