نارو(ن س) چونڊڪو شهر جي هندو محله جي جهولي لعل مندر پاڙي مان نوجوان هندو ناري کي مبينا اغوا جي ڪوشش ڪئي وئي, شهر جي چوڪيدارن ۽ شهرين پنوعاقل سان تعلق رکندڙ هڪ هندو نوجوان ڪرن ڪمار پٽ حاڪو مل اوڏ ۽ ٻن مسلمانن ارشد علي ڪلهوڙو ۽ ظهيراحمد پنهيار کي پڪڙي مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ٽئي ڄڻا سوارهه ٿاڻي جي لاڪپ ۾ آهن. ان سلسلي ۾ گرفتار ڪرن ڪمار اوڏ تشدد جا نشان ڏيکاريندي ٻڌايو ته نوجوان ناري مسڪان سان موبائل فون تي هڪ هفتو اڳ ۾ رابطو ٿيو هو جنهن فون تي چيو ته پنهنجو منهنڙو ڏيکاري وڃ ۽ جهولي لعل سائين جي زيارت به ڪري وڃ جيئن ئي ناري جي ڏسيل مندر وٽ پهتس ته اسان تي حملو ڪري پڪڙي هڪ ڪمري ۾ واڙي سخت تشدد بعد پوليس حوالي ڪيو ويو آهي هي مسلمان ٻئي منهنجا دوست آهن جيڪي مونسان گڏجي آيا هئا انهن کي مارڪٽ ڪئي وئي آهي ۽ شهرين اسان جي ڪار جا شيشا به ٽوڙي ڇڏيا آهن ٻئي طرف هندو پئنچائت چونڊڪو جي صدر مکي صورت مل رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ٽئي ڄڻا وچ شهر مان نوجوان ناري کي اغوا ڪري رهيا هئا جوابدارن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪيو آهي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.










