اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)رجسٽرار سپريم ڪورٽ عشرت علي عهدي تان رٽائر ٿي ويو. عشرت علي کي سپريم ڪورٽ جي ملازمن الوداع ڪيو.سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار 17 جون تي پنهنجو مدو پورو ٿيڻ تي رٽائر ٿي ويو. مدو پورو ٿيڻ تي رجسٽرار سپريم ڪورٽ پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.عشرت علي کي 28 سيپٽمبر 2022ع تي سپريم ڪورٽ جو رجسٽرار مقرر ڪيو ويو. ايڊيشنل رجسٽرار عبدالرزاق رجسٽرار سپريم ڪورٽ جا فرض سرانجام ڏيندو.










