عسڪري ٽاور باهه ڪيس ۾ اسد عمر کي جاچ جو حڪم

عسڪري ٽاور باهه ڪيس ۾ اسد عمر کي جاچ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت عسڪري ٽاور تي حملي ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر خلاف جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ اسد عمر خلاف عسکري ٽاور کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت اسد عمر جي عبوري ضمانت ۾ 27 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي. اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا.عبوري ضمانت ختم ٿيڻ بعد اسد عمر عدالت ۾ پيش ٿيو.دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 27 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو