ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج رحمان ڊڪيٽ پوليس مقابلي ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.لياري گينگ وار جي سربراهه عزير بلوچ ۽ ٻين خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت عزير بلوچ ۽ غفار عرف ماما کي ثبوت نه ملڻ تي بري ڪري ڇڏيو.عزير بلوچ جي وڪيل چيو ته پوليس وٽ عزير بلوچ خلاف ڪي به ثبوت ناهن، استغاثه جي شاهدن جي بيانن ۾ تضاد آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف 2009 ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو، عزير بلوچ خلاف مختلف ٿاڻن ۾ 50 کان وڌيڪ ڪيس داخل آهن.وڪيل چيو ته عزير بلوچ هن وقت تائين 39 ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي.










