عزاداري ڪائونسل ۽ اصغريه آرگنائيزيشن پاران مچ واقعي خلاف احتجاج

عزاداري ڪائونسل ۽ اصغريه آرگنائيزيشن پاران مچ واقعي خلاف احتجاج

مبارڪپور (ن سنڌ يار) مبارڪپور ۾ عزاداري ڪائونسل ۽ اصغريه آرگنائيزيشن پاران بلوچستان جي علائقي مچ ۾ ٿيل کليل  دهشتگردي خلاف ريلي ڪڍي وئي، ريلي امام بارگاهه  محفل مرتضيٰ کان ٿيندي مسجد چوڪ تي پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.ان موقعي تي ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ غلام مهدي ڀٽو، ساجد دايو، فدا حسين ۽ ٻين چيو ته بلوچستان جي علائقي مچ ۾ بيگناهه قتل ٿيل پورهيتن جي قتل عام ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏئي کين عبرت جو نشانو بڻايو وڃي، جئين اڳتي اهڙي قسم جي کليل دهشتگرديءَ جهڙو واقعو پيش نه اچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو