عرفان مهر قتل ڪيس ۾ زال سميت سڀ جوابدار گرفتار

عرفان مهر قتل ڪيس ۾ زال سميت سڀ جوابدار گرفتار

ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار)سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل عرفان مھر جي قتل ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس سندس زال، سس ۽ سنڍو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪندي ڳڙهي ياسين کان شڪارپور ويندي رستي تان عرفان مهر جي سنڍو رحيم بخش مهر کي گرفتار ڪري اڻ ڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، وارثن پاران گرفتاري جي تصديق ڪئي وئي آهي ، جڏهن ته اطلاع آهن ته ڪراچي پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪري گرفتار ڪيل مرحوم عرفان مهر جي سنڍو جي نشاندھي تي مرحوم جي گهر واري مسمات صاحبزادي، سالي شبانه بيگم ۽ سس مسمات گلشن کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، ياد رهي ته 3 مهينه اڳ سيڪريٽري سنڌ بار ڪائونسل عرفان علي مهر جي قتل ڪيس ۾پوليس عرفان  علي مهر جي سالي اڪبر مهر ۽ ساٿي واجد جکرو کي گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته سندس گهرواري، سالي ۽ سس مسلسل روپوشي واري حالت ۾ هئا. جن جي گرفتاري جا اڄ ذريعن کان اطلاع مليا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو