ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) گينگ وار جي مک عذير بلوچ کي سينٽرل جيل کان سب جيل منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن چئلينج ڪيو ويو سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت، آئي جي جيل، سپرنٽنڊنٽ سينٽرل جيل کي نوٽيس جاري ڪري ڌرين کان 13 جولاءِ تائين جواب گهري ورتو درخواست گزارجي وڪيل حيدر فاروق جو چوڻ هو ته عذير بلوچ 2016 کان جيل ۾ آهي خدشو آهي ته عذير بلوچ کي سب جيل مان ڪورٽ نيندي قتل نه ڪيو وڃي درخواست گذار ثمينه جو موقف هو ته 9 جون 2020 تي سيڪيورٽي سببن جي ڪري عذير بلوچ کي سينٽرل جيل کان سب جيل ميٺارام منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو هو، سب جيل ميٺارام ۾ عذير بلوچ کي بنيادي سهولتون فراهم نه پيون ڪيون وڃن عذير بلوچ کي هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ بغير پکي جي بند ڪيو ويو آهي درخواست گذار جي وڪيل چيو ته مهيني ۾ هڪ ڏينهن گهرڀاتين سان ملاقات جي اجازتڏني وڃي ٿي عدالت کي اپيل آهي ته عذير بلوچ کي سب جيل منتقل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏنو وڃي عذِر بلوچ کي سموريون بنيادي سهولتون ۽ سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.










