ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت لياري گينگ جي سربراهه عذير بلوچ جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي عدالت عذير بلوچ جي 5 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي عذير بلوچ خلاف 2012 ۾ لياري آپريشن دوران ڪيس داخل ڪيا ويا هئا اُن کان اڳ عذير بلوچ ڪيترن ئي ڪيسن مان بري ٿي چڪو آهي










