ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ترجمان شازيه مري چيو آهي ته ڪٺ پتلي حڪمران جا ڪجهه ڏينهن باقي بچيا آهن. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جي ٻولي سندس ذهني حالت کي ظاهر ڪري ٿي، شازيه مري چيو ته جيڪو به اقتدار ۾چور دروازي مان ايندو ان کي ائين ئي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويندو، هن چيو ته بي اعتمادي واري رٿ ڪامياب ٿي چڪي آهي رڳو اعلان باقي آهي. ڊڪٽيٽر پرويز مشرف عوام آڏو بيهي نه سگهيو، ڪٺ پتلي ڪهڙي شئي آهي؟










