اپوزيشن عدم اعتماد جي تحريڪ اسمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اپوزيشن عدم اعتماد جي تحريڪ اسمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ ۽ قومي اسمبلي جو اجلاس گهرائڻ لاءِ رڪيوزيشن گڏيل اپوزيشن جمع ڪرائي ڇڏي آهي. قومي اسمبلي سيڪريٽري جي آفيس م درخواستون جمع ڪرائڻ بعد اپوزيشن جو وفد اسپيڪر آفيس پهتو.

https://twitter.com/pmln_org/status/1501148254007959553

اپوزيشن وفد ۾ رانا ثناءُ الله، اياز صادق، مريم اورنگزيب، شازيا مري، نويد قمر ۽ ٻيا شامل آهن. اپوزيشن جي آمد جو ٻڌي اسپيڪر قومي اسمبلي پنهنجي آفيس مان اٿي چيئرمين سينيٽ جي آفيس ۾ ساڻس مشاورت لاءِ ويو. هوڏانهن آصف علي زرداري، ميان شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ٿوري دير ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪري عدم اعتماد بابت اهم اعلان ڪندا. ٻئي پاسي بلاول ڀٽو جو لانگ مارچ به اڄ اسلام آباد پهچي رهيو آهي ۽ پارليامينٽ سامهون ڊي چوڪ تي جلسو ٿيندو. پي ڊي ايم جي قيادت به جلسي ۾ شرڪت ڪندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان به اسلام آباد پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو