عدم اعتماد اچڻ بعد سڀ دوست گڏجي فيصلو ڪنداسين

عدم اعتماد اچڻ بعد سڀ دوست گڏجي فيصلو ڪنداسين

لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جي جهانگير ترين گروپ جو اهم اجلاس جهانگير ترين جي گهر ٿيو جنهن بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عليم خان چيو ته جهانگير ترين ۽ ٻين خون ۽ پگهر پارٽي لاءِ وهايو پر اقتدار بعد اصل ماڻهو پوئتي هليا ويا ۽ نوان ماڻهو آيا. مونکي افسوس آهي ته اسانجي جماعت عوام ۾ مقبول ناهي رهي، اڄ جنهن قسم جي پنجاب ۾ حڪمراني آهي ان تي اسانکي ڳڻتي آهي. اسين اهو طئي ڪيو آهي ته جن قرباني ڏني هن جماعت لاءِ اهي هم خيال دوست گڏ هجڻ گهرجن. اسين جهانگير ترين سان گڏ آهيون، مان 40 ايم پي ايز سان مليو آهي انهن کي به طرز حڪمراني تي ڳڻتي آهي ۽ نئين پاڪستان لاءِ اسانجي جدوجهد رائيگان پئي وڃي. اسين پي ٽي آءِ کي متحد ۽ مخبوط ڪريون هي اسانجي پارتي آهي ڪنهن فرد واحد جي جماعت ناهي. پي ٽي آءِ م جيڪي گروپ آهن انهن سڀني کي متحد ٿيڻ گهرجي. هڪ سوال تي هن چيو ته وزيراعظم وٽ جيڪو جهاز، گاڏيون، گهر ۽ ٻيون سهولتون حاصل آهن انهن کان بهتر مون وٽ آهن. مان عهدي جي لالچ م نه پر هڪ مقصد لاءِ آيا هئاسين. هن چيو ته جيڪڏهن عدماعتماد آئي ته اسين گڏجي فيصلو ڪنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو