اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ اپوزيشن ليڊر ميان شهباز شريف پيش ڪئي، جنهن بعد ڳڻپ ڪرائي وئي ته گهربل تعداد کان ٻيڻ تي اپوزيشن جا ميمبر موجود هئا. جنهن بعد ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري اجلاس جي ڪاروائي خميس جي شام 4 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان کان اڳ بابر اعواڻ رولز معطل ڪري سوالن جوابن جي ساهي معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. جنهن بعد زين شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب جو صوبو ٺاهڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو.

اجلاس کان اڳ حڪومت ۽ اپوزيشن جي نمائندن جي اسپيڪر آفيس ملاقات ٿي جنهن ۾ ايوان جي ڪاروائي بابت اتفاق ڪيو ويو. ان کان اڳ حڪومت ۽ اپوزيشن جي پارلياماني پارٽين جا ڌار ڌار اجلاس به ٿيا جنهن ۾ حڪمت عملي جوڙي وئي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو آهي ته اسپيڪر 7 ڏينهن اندر ووٽنگ ڪرائڻ جو پابند آهي. جيڪڏهن دير ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور احتجاج ڪنداسين. ميان شهباز شريف، آصف علي زرداري، بلاول ۽ ٻيا ايوان ۾ پهچي ويا آهن. ياد رهي ته اپوزيشن 8 مارچ تي عدم اعتماد ۽ رڪيوزيشن جون درخواستون جمع ڪرايون هيون. اسپيڪر کي 21 مارچ تي اجلاس طلب ڪرڻو هو پر هن 25 مارچ تي اجلاس گهرايو هو. اسپيڪر اسد قيصر مرحوم ميمبرن جي مغفرت جي دعا ڪرڻ بعد اجلاس سومر 28 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو. اپوزيشن مٿس آئين ٽوڙڻ جو الزام لڳايو هو.










