لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ اعليٰ عدليه خلاف سوشل ميڊيا تي ناڪاري پروپيگنڊا خلاف داخل درخواست تي تحريري حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس علي ضياءَ باجوه گذريل ٻڌڻي لاءِ تحريري حڪم جاري ڪندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪن جيڪي عدليه خلاف منفي مهم هلائي رهيا آهن ۽ عدليه تي عوام جو اعتماد گهٽائي رهيا آهن. تحريري حڪم ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته هي ڪارروائي جائز تنقيد کي خاموش ڪرائڻ لاءِ نه، پر اداري جي وقار ۽ خودمختياري جي حفاظت لاءِ آهي. عدالت چيو ته سڀني ادارن وانگر، عدليه جائز تنقيد لاءِ کليل آهي ۽ عدالتي فيصلن تي تعليمي، پيشه ورانه ۽ عوامي سطح تي تنقيد ڪري سگهجي ٿي. عدالت موجب، تنقيد صرف نيڪ نيتي، شائستگي واري ٻولي ۽ فيصلي جي قانوني سببن تائين محدود هجڻ گهرجي، پر عدليه خلاف بدنيتي واري مهم ۽ ڪردار ڪشي قابل قبول نه آهي. تحريري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته حد پار ڪرڻ ۽ جج تي تعصب يا بي ايماني جو الزام لڳائڻ صحيح ناهي، ۽ اها تنقيد جيڪا انصاف جي نظام تي عوام جي اعتماد کي گهٽائي ٿي ان جا قانوني نتيجا نڪرندا آهن. لاهور هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته آئين جو آرٽيڪل 19 اي يقيناً اظهار جي آزادي جو حق ڏئي ٿو، پر هي حق غير مشروط نه آهي ۽ اظهار جي آزادي قانون طرفان لاڳو ڪيل پابندين جي تابع آهي. اهڙي راءِ جو اظهار قابل قبول ناهي جيڪو اسلام جي عظمت، پاڪستان جي سالميت، دفاع يا اخلاقيات جي خلاف هجي. ٻڌڻي دوران، ڊي جي اين سي سي آءِ اي عدالت کي ٻڌايو ته عدليه خلاف منفي پروپيگنڊا پکيڙيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي ۽ معاملي کي تمام سنجيدگي سان ورتو پيو وڃي. عدالت درخواست تي وڌيڪ ڪارروائي 22 جنوري تي ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.










