عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي، لکي نه ٿي سگهي:وزيراعظم

عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي، لکي نه ٿي سگهي:وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عدليه آئين جي تشريح ڪري سگهي ٿي، ان کي ٻيهر نه لکي سگهي ٿي، اهو اختيار رڳو پارليامينٽ جو آهي.آئين موبائل ايپ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آئين پارليامينٽ جي گود مان پيدا ٿيو آهي، آئين جي بالادستي لاءِ سمورن ادارن کي متحد ٿيڻو پوندو.هن چيو ته ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو ته پارليامينٽ قانون ٺاهي ۽ عدليه ان تي پابندي لڳائي، هو رياست کي بچائڻ لاءِ پنهنجي سياسي اثاثن جي قرباني ڏيڻ کان هڪ لمحو به پوئتي نه هٽندا.

پهنجو تبصرو موڪليو