عدالتي فيصلي تي افسوس پر قبول آهي، عوام آچر تي احتجاج ڪري

عدالتي فيصلي تي افسوس پر قبول آهي، عوام آچر تي احتجاج ڪري

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وزيراعظم عمران خان قومي کي خطاب ۾ چيو آهي ته عدم اعتماد بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي افسوس ٿيو پر عدليه جو احترام ڪريان ٿو ۽ فيصلو تسليم ڪريان ٿو. مان زندگي ۾ هڪ ڀيرو جيل ويس اهو به عدليه جي آزادي لاءِ تحريڪ دوران، ڪو به معاشرو انصاف جي نطام کانسواءِ نٿو هلي سگهي. ٻيو افسوس اهو آهي ته ميمبرن جي وڪري جو سنگين معاملو آهي ان جو عدليا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها، پنجاب ۾ ڏسو پهري ۾ ميمبرن کي رکيو ويو آهي، مخصوص سيٽن وارا وڪامي رهيا آهن، اسانکي پنهنجي نوجوانن جي تربيت ڪرڻي آهي. اسانجي جدوجهد آهي هن ملڪ کي عظيم ملڪ بنائڻ لاءِ آهي. مون اهڙا تماشا مغربي جمهوريت ۾ به نه ڏٺا. مون ان ڪري قوم کي امر بالمعروف تي ڪال ڏني. غير مسلم معاشري ۾ ماڻهو امر بالمعروف ۽ حق لاءِ اٿي کڙا ٿيندا آهن، برطانيا ۾ 20 لک ماڻهو عراق جنگ خلاف نڪتا.وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن خودداري ناهي ته پوءِ آزادي ڇو ٿا ملهايو.؟ هن آمرڪي خط جا تفصيل ورجايا ۽ چيو ته آمريڪي سفير هتي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز سان ملن ٿا. منهنجو وڏو جرم اهو آهي ته مون ڊرون جي مخالفت ڪئي، مون افغانستان جنگ جي مخالفت ڪئي، نه منهنجي پرڏيهه ۾ ڪا جائيداد ناهي، بئنڪ اڪائونٽ ناهي هي بليڪ ميل نه ٿيندو. هن هندوستان کي عظيم ۽ خوددار قوم قرار ڏيندي گڏوگڏ چيو ته هو افسوس آهي ته هو هندو آئيڊيالاجي تي عمل پيرا آهن.اسان فيصلو ڪيو ته آزاد پرڏيهي پاليسي ٺاهي، ڪنهن به جنگ جو حصو بڻبا سين، امن جو ساٿ ڏينداسين. نوجوانن کي ان پاليسي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. مان آمريڪا جو مخالف ناهيان منهنجو مقصد آهي بطرفي فائدي جي بنياد تي پاليسي هجڻ گهرجي. اوهان ڏٺو ته مون ته پنهنجي حڪومت پاڻ ختم ڪئي ته هلو عوام وٽ خبر پئي. عمران خان چيو ته هنن کي عدم اعتماد جي تڪڙ ڇو آهي؟ هنن کي ڪيس ختم ڪرڻا آهن، نيب ختم ڪندا، اي ووٽنگ ۽ 90 لک اوورسيز جا ووٽ ختم ڪندا، اوورسيز پاڪستاني اڄ پيسا موڪلڻ بند ڪن ته ملڪ هلندو ئي نه. مون وڏي جدوجهد ڪئي آهي ۽ هاڻي به جدوجهد ڪندس، پرامن احتجاج ڪنداسين قوم امپورٽيڊ حڪومت خلاف ٻاهر نڪري. غلامي قبول نه ڪريو، آچر تي شام جو عشا جي نماز بعد قوم ٻاهر نڪري ۽ پرامن احتجاج ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو