عدالت ۾ ماڻهن جو دفاع ڪرڻ لاءِ پهريون روبوٽ وڪيل تيار

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اي آءِ ٽيڪنالوجي سان ليس هڪ روبوٽ وڪيل عدالت ۾ ڪيس وڙهندو.فيبروري 2023 ۾ هڪ آمريڪي عدالت ۾ هڪ ڪمپني جو تيار ڪيل ڊجيٽل وڪيل پارڪنگ ٽڪيٽ جي ڪيس ۾ هڪ ماڻهو جو دفاع ڪندو.سمارٽ فون ايئرپيس ذريعي هو اي آءِ بوٽ عدالتي ڪارروائي کي ٻڌي ايئربڊ ذريعي دليل فراهم ڪندو.پرڏيهي خابرو اداري موجب عدالت ۾ اهو ئي سڀ چيو ويندو جيڪو اي آءِ بوٽ پاران کيس چيو ويندو.رپورٽس موجب ٻڌڻي جي جڳهه بابت نه ٻڌايو ويو آهي.ڪمپني جي مالڪ بيان ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ اي آءِ ليگل اسسٽنٽ جي تربيت لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻو پوندو آهي ۽ هو هميشا سچ چوندو آهي.ڪمپني موجب ڊو ناٽ پي ايپ دنيا جي پهرين روبوٽ ويل جو گهر آهي جيڪو ادارن سان وڙهي سگهي ٿو ۽ بيوروڪريسي کي هارائي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو