عدالت ۾ داخل ڪرايل اغوا جي درخواست ڪوڙي ثابت

نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) عدالت ۾ داخل ڪرايل اغوا جي درخواست ڪوڙي ثابت، ڪيس خارج. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن شاهه جي عدالت ۾ درخواست گذار ڪامران خانزادي درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته مان پنهنجي ڀيڻ سان نوشهروفيروز اچي رهيو هيس ته درگاهه معافي فقير وٽ جوابدار اشفاق احمد چانڊيو، رحيم بخش، شفيع ۽ حاجي ڪريم بخش چانڊيو مون کي بيهاري هٿيارن جي زور تي منهنجي ڀيڻ مسمات گلشن کي اغوا ڪري ويا. اڄ ٻڌڻي دوران عدالت ۾ جوبدارن جي وڪيل ذوالفقار علي ۽ نصيرالدين سولنگي موقف اختيار ڪيو ته پوليس اهلڪار نيڪ محمد چانڊيو جي چوڻ تي دخواست گذار درخواست داخل ڪئي آهي ۽ عدالت پاران ڊي ايس پي ڪمپلين سيل کان گهرايل رپورٽ ۾پڻ واضح لکيل آهي ته اهڙو ڪو به واقعو نه ٿيو جنهن ڪري درخواست کي ڪوڙو سمجهي خارج ڪيو وڃي. عدالت ڌرين جو موقف ٻڌڻ بعد درخواست خارج ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو