ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي ۾ سال 2019ع دوران 1300 ويڪسينيٽرز جون ٿيل ڀرتيون غيرقانوني قرار، سنڌ هاءِ ڪورٽ ويڪسينيٽرز کان نئين سر انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ سرڪار کي ٽن مهينن ۾ ويڪسينيٽرز جي تربيت لاءِ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. صحت کاتي ۾ 60 سيڪڙو مارڪس حاصل ڪندڙ اُميدوارن کي به ويڪسينيٽرز طور ڀرتي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي هئي.










