عدالت ٻن ڇوڪرين کي والد بدران ماسي حوالي ڪري ڇڏيو

نوشهروفيروز(ڊ ر) ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج سيد اڪرام الرحمٰن جي عدالت ٻن نارين کي پيءَ سان گڏ رهڻ بجاءِ ماسيءَ سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست گذار محمد اسحاق ڪورائي اپيل داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته جوڊيشنل مئجسٽريٽ ۽ فيملي جج مورو، نارين جي ڏنل بيان جي ابتڙ فيصلو ٻڌائيندي نارين جي پيءَ محمد هاشم سان رهڻ جو فيصلو ڏنو آهي. جڏهن ته ناريون عشا بتول ۽ عروج پنهنجي ماسي نسيم اختر سان گڏ رهڻ چاهين ٿيون. اڄ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران ناريون وڪيل امتياز حسين ميمڻ جي معرفت موقف اختيار ڪيو ته اسان جي والده فوت ٿيڻ بعد اسان جي پيءَ ٻي شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ اسان کي پنهنجي ماسي مسمات نسيم اختر پاليو ۽ پڙهايو آهي جڏهن ته اسان کي اعليٰ تعليم ڏياري آهي، اسان ميٽرڪ ۾ پوزيشن هولڊر آهيون، اسان روشن مستقبل ڏسڻ چاهيون ٿيون، ان لاءِ اسان کي پنهنجي ماسيءَ سان رهڻ جي اجازت ڏني وڃي. عدالت اهڙو موقف ٻڌڻ بعد نارين کي ماسيءَ سان رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو