نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) اسپيشل سيشن جج نارڪوٽيڪس امداد علي کوسو جي عدالت 2 ڪلو چرس رکڻ جي ڏوهه ۾ جوابدار امداد علي ڏهر کي ڏيڍ سال قيد ۽ 10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. پڊعيدن ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو ته پڊعيدن پوليس معمول مطابق شهر جو گشت ڪري رهي هئي ته اسپتال روڊ وٽ امداد علي ڏهر کي بيهاريو سين جنهن جي هٿ ۾ هڪ ٿيلهي هئي جنهن مان 2 ڪلو چرس برآمد ڪئي. اڄ عدالت پاران ٻڌڻي دوران جوابدار مٿان چرس رکڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ڏيڍ سال قيد ۽ .10 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي










