عدالت آئين کي سامهون رکي فيصلو ڪندي ته چونڊون ٿينديون: شاهه

عدالت آئين کي سامهون رکي فيصلو ڪندي ته چونڊون ٿينديون: شاهه

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن عدليه آئين جو تحفظ ڪري رهي آهي ته پوءِ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهو.هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن عدالت آئين کي سامهون رکندي فيصلو ڏئي ته چونڊون ٿي سگهن ٿيون.هن چيو ته حڪومت عدالتي فيصلي کي ڪيئن قبول نه ڪندي؟ هي بي ايمان ڪير آهن، پوري قوم گهيرو ڪري انهن جو احتساب ڪندي، جيڪڏهن عدليه آئين جي حفاظت ڪري رهي آهي ته پوءِ پاڻ کي اڪيلو نه سمجهو، عوام ۽ پي ٽي آءِ ساڻن گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو