عدالتي حڪم تي عمل ڪندي گروپ انشورنس ڏيو

عدالتي حڪم تي عمل ڪندي گروپ انشورنس ڏيو

دادو(رپورٽ عزيزالله خاصخيلي) رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مظاهرين پير مٺل، ڀائي خان برهماڻي، الله بچايو پنهور، محمد اسحاق ڀرڳڙي، طارق آرائين، انور سمون، نورل سمون ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان حڪم ڪيو آهي ته سرڪاري رٽائر ملازمن کي گروپ انشورنس ڏنو وڃي ٽي مهينا اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ به گورنمينٽ جي رٽائرڊ ملازمن کي گروپ انشورنس ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي پر سنڌ حڪومت ٽن مهينن کان  وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي عمل نه ڪيو آهي جنهن ڪري رٽائرڊ ملازمن پاران اعلانيل پنهنجي حق جي حاصلات لاءِ علامه آءِ آءِ لائبريري دادو کان پريس ڪلب دادو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو،احتجاجي مظاهرو ڪندڙ رٽائرڊ ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيئن ملڪ جي ٽن صوبن جي رٽائرڊ ملازمن کي پنهنجو حق ڏنو ويو آهي ائين ئي سنڌ صوبي جي رٽائرڊ سرڪاري ملازمن تي رحم کائي اسانکي به پنهنجو جائز اعلانيل حق گروپ انشورنس جلد کان جلد ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ سرڪاري رٽائرڊ ملازم پنهنجي جدوجهد جاري رکندي احتجاجي مظاهرن جو سلسلو برقرار رکنداسين ۽ پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاج ڪنداسين جيستائين اسان کي پنهنجو حق نه ملندو ان وقت تائين احتجاجي سلسلو جاري رهندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو