مانجهند (مهراڻ عمراڻي) پوليس ڳوٺ عالم خان کلولاڻي کوسو جي رهواسين نور محمد کوسو، سليم کوسو، رشيد کوسوکي جهيڙي ڪيس ۾ ڪوٽڙي عدالت مان حاضري تان واپس ايندي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو. پوليس جي اهڙي عمل خلاف ڳوٺاڻن عورتن ٻارڙن سميت گهرن مان ٻاهر نڪري هٿن ۾ ڏنڊا کڻي مانجهند لڳ ٽوڙي ڦاٽڪ وٽان انڊس هاءِ وي تي پٿرن سان رڪاوٽون وجهي 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي علي مراد کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مانجهند پوليس سندن ٽن ڄڻن کي بااثرن جي چوڻ تي گرفتار ڪيو آھي جن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پوليس انچارج ٻڌايو ته جوابدارن تي سندس برادري جي ماڻھن حملو ڪري زخمي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو جنهن تان کين گرفتار ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڊي ايس پي آمري يونس لوڌراڻي ڌرڻي واري هنڌ پهچي انصاف جي خاطري ڪرائي روڊ کولرايو جڏهن ته ڪيس داخل هئڻ باوجود پوليس گرفتار ٿيل ڳوٺاڻن کي آزاد ڪري ڇڏيو.










