ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته عدالتن ۾ ڪيمرا لڳائڻ جي خواهش آهي ته جيئن عوام کي خبر پوي، عدليه هر ڳالهه جو نوٽيس وٺندي آهي سواءِ ان جي ته عدالتن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي.ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتون قانون جي تشريح ڪري سگهن ٿيون پر قانون ٺاهڻ عوام جي نمائندن جو ڪم آهي، ملڪ کي هر اداري کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.شاهد خاقان عباسي چيو ته جڏهن عدالتون پنهنجا منصوبا شروع ڪنديون آهن ته پوءِ انصاف جون گهرجون پوريون نه ٿينديون آهن، تاريخ يا عوام فيصلو ڪندو ته چيف جسٽس پنهنجي ذميواري پوري ڪري رهيو آهي يا نه،ن ليگ اڳواڻ چيو ته دنيا جي ڪنهن به نظام ۾ ائين ناهي ته اپيل جو حق نه ڏنو ويو هجي، چيف جسٽس کان اميد آهي ته هو آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪري، سڀني جون نظرون هن وقت سپريم ڪورٽ تي آهن. اڄ ملڪ جي ساک متاثر ٿي رهي آهي.هن چيو ته ملڪ ۾ جيڪو مسئلو پيدا ٿيو آهي ان جو حل ڳوليو وڃي، جيڪڏهن انتشار ٿيو ته ملڪي معيشت تي اثر پوندو.شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالتن ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سوموٽو نوٽيس نه ورتو وڃي، عدالتن جو احترام ڪريون ٿا.ن ليگ اڳواڻ چيو ته اڄ ملڪ چند شين ۾ خود کفیل آهي، ان ۾ سياسي پارٽيون به آهن.










